ٿر دوست نيوزليٽر

ٿر دوست نيوزليٽر

ٿر دوست نيوزليٽر

ٿر دوست نيوزليٽر (رسالو ):ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم پي. وي. ڊي. پي طرفان 2002ع کان لاڳيتو شايع ٿيندڙ هن ٽماهي مئگزين جا هن وقت تائين 22 شمارا شايع ٿي چڪا آهن. هن مئگزين جو چيف ايڊيٽر ۽ سرپرست اعليٰ پي. وي. ڊي. پي جو ڊائريڪٽر مسٽر ڊومنڪ اسٽيفن آهي. هن مئگزين ۾ ٿرپارڪر جي لوڪ ادب، تاريخ، ٿر جي ماڻهن جي زندگيءَ جي حالتن تي مضمونن سان گڏ، پي. وي. ڊي. پي جي ڪم ڪار بابت ڄاڻ، مثالي ڪهاڻيون ۽ ٽماهي ڪارڪردگي رپورٽ شامل هوندي آهي. سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ اهو رسالو خانگي تقسيم لاءِ مختلف سماجي تنظيمن، ڊونر ادارن توڙي سول سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل شخصتين ڏانهن موڪليو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو